راضي فقير رند جو رسالو

راضي فقير رند جو رسالو

راضي فقير رند جو رسالو

راضي فقير رند جو رسالو: هيءُ رسالو لاڙ جي لوڪ شاعر راضي فقير رند جي ڪلام تي مشتمل آهي، جيڪو لاڙ جي هڪ استاد محمد قاسم سمي، ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڀاڱو 1972ع ۾ ۽ ٻيو ڀاڱو 1982ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. راضي فقير جي رسالي ۾ عام ڪلاسيڪي صنفن، بيت، وائي، ڪافي ۽ مولود جون صنفون شامل آهن. هن جي ٻئي ڀاڱي ۾ 26 ڪافيون، 6 وايون، 135 بيت ۽ 38 مولود شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 100 صفحن تي مشتمل رسالي جو ٻيو ڀاڱو ماستر محمد قاسم سمي، پرفيڪٽ پرنٽرس حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو